سنڌ جي سياست ۾ وڏي هلچل، عادل ۽ عدنان انڙ پ پ ۾ شامل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صوبائي وزير الطاف حسين انڙ جي پٽن عادل انڙ ۽ عدنان انڙ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي.
گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس کي وڏو ڌڪ لڳي ويو، جي ڊي اي جا ٻه اڳواڻ عادل الطاف انڙ ۽ عدنان الطاف انڙ پ پ ۾ شامل ٿي ويا.
عادل ۽ عدنان انڙ ڪراچي ۾ پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.
ان موقعي تي هنن پ پ قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.
فريال ٽالپر ٻنهي جي پ پ ۾ شموليت تي آجيان ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ پارٽي جي بهترين مفاد ۾ ڪم ڪندا.
شموليت جي موقعي تي پ پ جو سينيئر اڳواڻ قائم علي شاهه، نثار کهڙو، مير اعجاز جکراڻي ۽ سهيل انور سيال به موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.