آمريڪي سينيٽ ۾ ڀارت خلاف ٺهراءُ پيش

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سينيٽ ۾ سينيٽر ٽيمي بالڊون طرفان ڀارت ۾ مذهبي ۽ سياسي ڏاڍ خلاف ٺهراءُ پيش ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب وسڪنسن مان عورت سينيٽر طرفان پيش ڪيل ٺهراءَ ۾ ڀارت سان مذهب جي بنياد تي امتيازي پاليسين جو معاملو اٿارڻ جو مطالبو ڪندي پرامن مظاهرين تي تشدد جي خاتمي لاءِ ڀارت سان ڳالهائڻ تي زور ڏنو ويو آهي.
ٺهراءَ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته مذهبي آزادي بنيادي حق آهي ۽ ان جي ڀڃڪڙي تي آمريڪا کي بيهڻ ۽ ڳالهائڻ گھرجي.
آمريڪي سينيٽر ٽيمي بالڊون طرفان پيش ڪيل ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت شهرين کي خطري ۾ وجهي رهيو آهي ۽ راءِ جي حق کان محروم رکي رهيو آهي.
ٺهراءَ ۾ ڀارت ۾ مسلمان ۽ مسيحي آبادي جي خلاف امتيازي پاليسيون تبديل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ جو مطالبو به ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.