خبردار هنن ڪمپنين جي اکين جا ڦرا استعمال نه ڪريو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي فيڊل ريگوليٽرز عوام کي تنبيهه ڪئي اهي مختلف برانڊز جا آءِ ڊراپس استعمال ڪرڻ فوري طور تي بند ڪري ڇڏين.
پرڏيهي خابرو اداري موجب فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن (ايف ڊي اي) عوام کي خبردار ڪيو ته مختلف آءِ ڊراپس برانڊز جي فيڪٽرين ۾ غير صحتمند مواد بابت خبر پئي آهي جنهن کان پوءِ ڪيترن ئي وڏن برانڊز جي آءِ ڊراپس ۽ جيل جو استعمال فوري ڇڏڻ جي ضرورت آهي.
ايف ڊي اي طرفان اکين جي سار سنڀال بابت 26 شيون آهن جن بابت الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. آلودا شيون اکين ۾ انفيڪشن ۽ انڌو ڪرڻ جو سبب بڻجي سگھن ٿيون ڇو جو اکين تي لڳايون ويندڙ دوائون يا ڦڙا جنهن جي ڪجهه دفاعي نظام کي غير اثرائتو ڪري واهپيدارن کي نقصان پهچائي سگھن ٿيون.
ايف ڊي اي جي فهرست ۾ سي وي ايس هيلٿ، ليڊر (ڪارڊينل هيلٿ)، رگبي (ڪارڊينل هيلٿ، رائيٽ ايڊ، ٽارگيٽ اپ اينڊ اپ ۽ ويلوسٽي فارما شامل آهن.
ايف ڊي انهن سڀني برانڊز تي زور ڏنو ته هو هو انهن سڀني شين کي مارڪيٽ مان واپس گھرائين جڏهن ته سي وي ايس، رائيٽ ايڊ ۽ ٽارگيٽ مارڪيٽ ۽ ويب سائيٽس تان پنهنجا پروڊڪٽس واپس گھرائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.