پاڪ – بنگلاديش ميچ دوران ايڊن گارڊن اسٽيڊيم ۾ فلسطين جو جهنڊو لهرايو ويو

غزا ۾ اسرائيلي جارحيت تي سڄي دنيا ۾ مظلوم فلسطينين جي حق ۾ آواز اٿاريو پيو وڃي، جڏهن ته ڀارت ۾ جاري ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ دوران به اسٽيڊيم ۾ فلسطيني پرچم لهرايو ويو.
ڀارت ۾ جاري ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ميچ دوران اسٽيڊيم ۾ فلسطيني پرچم لهرايو ويو، جنهن جي الزام ۾ پوليس 4 نوجوانن کي گرفتار ڪري ورتو.

ڀارتي ميڊيا موجب ڪلڪتا جي ايڊن گارڊن ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ميچ دوران فلسطيني پرچم لهرايو ويو.
رپورٽن موجب گرفتار ڪيل چارئي نوجوان آهن، جن مان ٻن جو واسطو جهارکنڊ سان آهي ۽ ٻه ڪلڪتي جا ئي رهواسي آهن، هنن اسٽيڊيم ۾ احتجاج طور رڳو فلسطين جو پرچم لهرايو هو ۽ ڪا نعريبازي نه ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.