پاڪستان مان افغانين جي بي دخلي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي:نائب افغان وزيراعظم

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افعانستان جي نائب وزيراعظم ملا عبدالسلام حنفي افغان پناهگيرن جي پاڪستان مان بي دخلي کي عالمي قانونن جي خلاف قرار ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب افغانستان جي نائب وزيراعظم ملا عبدالسلام حنفي طورخم بارڊر جو دورو ڪيو جتي هن پاڪستان کان ايندڙ افغان پناهگيرن بابت صورتحال جو جائزو ورتو.
ملا عبدالسلام حنفي چيو ته پاڪستان مان افغان پناهگيرن جي بي دخلي عالمي قانونن ۽ اصولن جي خلاف آهي.
هن چيو ته موجودا افغان حڪومت پاڪستان کان آيل پناهگيرن جي چئلينجز کي حل ڪرڻ لاءِ پوري طرح تيار آهي.
سندس چوڻ هو ته پناهگيرن جي زبردستي بي دخلي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي پر اها ڪئي پئي وڃي، اسان جا ڀائر ڀينر واپس اچي رهيا آهن ته اهو سندن گھر آهي، جيڪڏهن ان حوالي سان مسئلا آهن ته اسان کي اهي حل ڪرڻا آهن اهو اسان جو بنيادي ٽاسڪ آهي، اها اسان جي زمين آهي اسان پنهنجي طرفان بهتر کان بهتر ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.