عام ماڻهن تائين سمارٽ فونز پهچائڻ لاءِ نگران حڪومت جو وڏو قدم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت نگران وزير ڊاڪٽر عمر سيف عام ماڻهن تائين سمارٽ فون پهچائڻ لاءِ اهم قدم کڻي ورتا.
ڊاڪٽر عمر سيف جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي ٽي اي، سيلولر آپريٽرز ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
نگران وزير چيو ته سيلولر آپريٽرز، سيڙپڪار ڪمپنيون، بئنڪون قسطن تي سمارٽ فون ڏيڻ لاءِ پيڪيجن جو اعلان ڪن، عوام کي سهولتن جي فراهمي پهرين ترجيح آهي.
هن چيو ته ڊيفالٽرز جا فون بلاڪ ڪيا ويندا، جنهن سان انهن جي حوصلا شڪني ۽ سمارٽ فونز جي استعمال جي شرح وڌندي، طلب وڌڻ سان موبائل مينو فيڪچرزز انڊسٽري ۽ ملڪي معيشت کي فائدو ٿيندو، ٻهراڙي وارن علائقن ۾ فون، سيلولر آپريٽرز لاءِ بزنس ڪيس به ٺهندا.
سندس چوڻ هو ته اي ڪامرس کي هٿي ڏيڻ لاءِ سمارٽ فونز فار آل پاليسي ضروري آهي، رونڊا کي سمارٽ فونز ايڪسپورٽ ڪرڻ بابت اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پاڪستاني سمارٽ فونز ۾ روانڊا حڪومت دلچسپي ظاهر ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.