اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي ميوزڪ ڪنسرٽ سميت تفريحي پروگرام روڪڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو، جماعت اسلامي جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ موسيقي جون محفلون مظلوم فلسطينين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهن.
جماعت اسلامي اسلام آباد ۾ ميوزڪ ڪنسرٽس سميت تفريحي پروگرامن تي پابندي لاءِ ڊپٽي ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو.
خط ۾ موقف ڏنو ويو آهي ته غزا ۾ قيامت برپا آهي، پاڪستان جي تخت گاهه ۾ موسيقي جون محفلون مظلومن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جهڙيون آهن، امت هڪ جسم جيان آهي، غزا جي تڪليف هتي به محسوس ڪرڻ گهرجي.
You might also like