ننڍپڻ کان اسان ٻڌندا آيا آهيون ته ناريل جي تيل سان مالش ڪرڻ سان وار ڊگھا، چمڪندڙ ۽ مضبوط ٿيندا آهن، اهو به ٻڌندا آهيون ته ان تيل کي چهري تي لڳائڻ سان جلد چمڪي پوندي آهي ۽ ان تي موجود گھنج به ختم ٿي ويندا آهن.
پر ڇا ڪڏهن اوهان اهو بڌو آهي ته ڪچو ناريل کائڻ جا ڪهڙا فائدا آهن؟ جيڪڏهن نه ته اڄ ئي ڄاڻي وٺو.
ان جا فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ اوهان کي ڪچو ناريل ضرور کائڻ گھرجي جيڪو وزن ۾ گھٽتائي سان گڏوگڏ حيران ڪندڙ طور تي وار به ڊگھا ۽ گھاٽا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي.
ڪچو ناريل غذائيت سان ڀرپور هوندو آهي ان ۾ ڪاپر، سيلينيم، فاسفورس، پوٽاشيئم، ميگنيشيئم ۽ زنڪ موجود هوندو آهي ان کانسواءِ ان ۾ موجود سڻڀ اوهان جي صحت لاءِ گھڻو فائديمند آهي جيڪو اوهان جي جسم کي بهتر طريقي سان ڪم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.
ان ۾ گھٽ مقدار ۾ موجود فوليٽ، وٽامن سي ۽ ٿايامن به اوهان جي صحت تي گهڻا سٺا اثر وجهندا آهن.
روز ڪچو ناريل کائڻ سان اوهان کي هي 5 فائدا ٿيندا
قبض ۾ گھٽتائي
قبض جي شڪايت ان وقت ٿيندي آهي جڏهن اسان جي خوراڪ ۾ فائبرز جي کوٽ هوندي آهي ۽ ڪچو ناريل ان کوٽ کي پورو ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي ڇو جو 61 سيڪڙو ناريل فائبرز تي ٻڌل هوندو آهي.
وارن ۽ جلد کي خوبصورت بڻائيندو آهي
اهو خشڪ، سخت وارن ۽ کَلَ کي بهتر بڻائيندو آهي ان ۾ موجود سڻڀ اوهان جي کَلَ جي واڌ ويجهه ڪندو آهي ان کي هائڊريٽ ۽ نرم رکندو آهي ته جيئن کَلَ تي گھنجن جو اثر نه پوي.
وزن گھٽ رکڻ ۾ مددگار هوندو آهي
اهو هڪ بهترين ناشتو آهي جيڪو اوهان جي بک کي ختم ڪندي ڪولسٽرول کي ليول ۾ رکندو آهي، ناريل ۾ موجود ٽراءِ گليسرائڊ اوهان جي جسم ۾ موجود سڻڀ ختم ڪندي بک کي گھٽائيندو آهي. ان کي چٻاڙڻ سان اوهان جا ڄاڙي سٺي نموني ڪم ڪندي رهندي آهي.
مدافعتي نظام کي مضبوط ڪندو آهي
ڪچو ناريل ماحول ۾ موجود اينٽي بيڪٽيريل ۽ اينٽي وائرلز کان به بچڻ ۾ مدد ڏيندو آهي، اهو انهن مريضن لاءِ به بهترين آهي جيڪي ڳلي ۽ سيني جي تڪليف ۾ مبتلا هوندا آهن. انهن کي ان جو استعمال جاري رکڻ گھرجي.
الزائمر کان بچاءُ
ڪچي ناريل ۾ ٽراءِ گليسرائڊ جي موجودگي ۽ ڪيٽوجينڪ سبب اهو الزائمر کان بچائڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. تاريل ۾ موجود سڻڀ ان جي علاج ۾ اهم ڪم ڪندو آهي ۽ دماغي صحت کي بهتر ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.
You might also like