بابر اعظم ۽ ذڪاءَ اشرف ۾ اختلاف، حفيظ به خاموشي ٽوڙي ڇڏي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ پي سي بي ٽيڪنيڪل ڪميٽي جو اڳوڻو ميمبر محمد حفيظ پي سي بي چيئرمين ذڪاءَ اشرف جي حمايت ۾ ميدان ۾ اچي ويو.

هڪ انٽرويو ۾ محمد حفيظ چيو ته ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ جي ٽيم ٺاهڻ لاءِ پي سي بي چيئرمين ڪپتان بابر اعظم ۽ چيف سليڪٽر انضمام الحق کي مڪمل آزادي ڏني هئي.

محمد حفيظ وڌيڪ چيو ته ذڪاءَ اشرف ٽيم جي چونڊ لاءِ مئنيجمينٽ کي هر ممڪن سهولت ۽ سهڪار فراهم ڪرڻ جي خاطري پڻ ڪرائي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.