اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) غيرقانوني طور پاڪستان ۾ ترسيل پرڏيهين جي واپسي جي ڊيڊ لائن ختم ٿيڻ بعد حڪومت طرفان پرڏيهين کي نيڪالي لاءِ آپريشن شروع ٿي ويو آهي.
غيرقانوني طور تي ترسيل پرڏيهين جي پاڪستان ڇڏڻ جي ڊيڊ لائن ختم ٿي وئي.
حڪومتي ذريعن موجب، حڪومت غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين جي نيڪالي لاءِ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.
گهرو وزير پاران ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فارن ايڪٽ 1946 تحت سمورن صوبن کي پرڏيهين جي نيڪالي جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي.
نگران حڪومت خبردار ڪيو آهي ته ڊيڊ لائن گذرڻ کانپوءِ جيڪڏهن ڪو پاڪستاني غيرقانوني طور پرڏيهين کي پناهه ڏيڻ ۾ ملوث نڪتو ته سندس خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
نگران حڪومت جو بي دخلي پلان پاڪستان ۾ غير قانوني طور رهندڙ سمورن پرڏيهين تي لاڳو ٿيندو، بي دخلي پلان ۾ ڪنهن به ملڪ يا شهريت کي خاطر ۾ نه آندو ويندو.
سيڪيورٽي فورسز ميپنگ ۽ جيو فينسنگ ذريعي غير قانوني طور ترسيل افغانين جي نشاندهي جو عمل مڪمل ڪري ورتو آهي.
سنڌ ۾ رهندڙ 2 لک غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين جي سڃاڻپ جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح ڪي پي ۾ رهندڙ ٽي لک غير قانوني طور رهندڙ افغان شهرين کي به هولڊنگ سينٽرن ۾ منتقل ڪيو ويندو.
پنجاب ۽ بلوچستان ۾ به غير قانوني طور تي رهندڙ افغان شهرين کي ڪڍڻ لاءِ به آپريشن شروع ڪيو ويو آهي ۽ سندن ڊيٽا اسڪينگ ذريعي چيڪ ڪيو پيو وڃي.
You might also like