انگلش فاسٽ بالر جو ورلد ڪپ کانپوءِ عالمي ڪرڪيٽ ڇڏڻ جو اعلان

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ جي فاسٽ بالر ڊيوڊ ولي ورلڊ ڪپ کانپوءِ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ان ڏس ۾ 33 ورهين جي انگلش فاسٽ بالر ڊيوڊ ولي جو چوڻ آهي ته ننڍپڻ کان انگلينڊ لاءِ ڪرڪيٽ کيڏڻ جو خواب ڏٺو.

هن چيو ته انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته عالمي ڪپ کانپوءِ عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي.

واضح رهي ته ڊيوڊ ولي کي انگلينڊ سينٽرل ڪانٽريڪٽ نه ڏنو هو ۽ هو عالمي ڪپ کيڏندڙ اڪيلو انگلش ڪرڪيٽر آهي جنهن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ نه مليو هو.

ڪجهه ڏينهن اڳ انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ 29 رانديگرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏنا هئا.

ڊيوڊ ولي 70 ون ڊي ۽ 43 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ انگلينڊ جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.