هرشا ڀوگلي پاڪستان ٽيم ۾ تڪرارن جو ذميوار ” لاهور قلندرز “ کي قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪامينٽيٽر هرشا ڀوگلي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ مسئلن جو ذميوار لاهور قلندرز کي قرار ڏئي ڇڏيو.

مشهور ڪرڪيٽ ويب سائيٽ ڪرڪ بز کي ڏنل انٽرويوءَ دوران هرشا ڀوگلي چيو ته لاهور قلندرز جي فرنچائز ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ بااثر آهي، جنهن سبب تڪرار جنم وٺي رهيا آهن، اوهان ڏسي رهيا آهيون ته قيادت لاءِ آواز ڪٿان اچي رهيا آهن.

ڀوگلي ڪپتان طور شاهين آفريديءَ جي چونڊ تي پڻ سوال اُٿاريندي چيو ته انجريز سبب قيادت سندس لاءِ ٻوجهه بڻجي سگهجي ٿي.

هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي امڪاني ڪپتان طور شاهين آفريدي جو نالو وڌيڪ کنيو پيو وڃي، هو لاهور قلندرز لڳاتار ٻه ڀيرا چيمپيئن بڻائي چڪو آهي، جنهن سندس قائداڻي صلاحيتن کي اجاگر ڪيو پر سندس انجريز ڳڻتي جو سبب آهن.

هرشا سوال اُٿاريندي چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ايندڙ ٽئي ميچون کٽي ۽ نيوزيلينڊ پنهنجون ٽئي ميچون هارائي ۽ پاڪستان سيمي فائنل ۾ پهچي وڃي ته ڇا بابر اعظم سٺو ڪپتان ٿي ويندو ۽ شاهين دعويدار نه رهندو؟ .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.