آءِ سي سي رينڪنگ، بيٽرز ۾ بابر نمبر ون، بالرن ۾ شاهين جي پهرين پوزيشن

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي پليئرز رينڪنگ ۾ پاڪستاني ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم بدستور پهرين نمبر تي موجود آهي جڏهن ته بالرن ۾ شاهين وڏي اُڏام ڀريندي پهرين پوزيشن تي قبضو ڄمائي ورتو آهي.

آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ موجب، پاڪستان ٽيم جو ڪپتا ن بابر اعظم 818 پوائنٽن سان پهريون نمبر تي موجود آهي، ڀارت جي شُڀمَن گِل صرف ٻن پوائنٽن جي فرق سان ٻئي ۽ ڏکڻ آفريڪا جو ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ 765 پوائنٽن سان ٽئين نمبر تي آهي.

بالرن جي رينڪنگ ۾ پاڪستان جي شاهين آفريدي ست درجا ترقي ماڻيندي پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته آسٽريليا جي جوش هيزل ووڊ ٻيو ۽ ڀارت جي محمد سراج جو ٽيون نمبر آهي.

آل رائوندڙن ۾ بنگلاديشي ڪپتان شڪيب الحسن پهرين، افغانستان جو محمد نبي ٻئي ۽ زمبابوي جو سڪندر رضا ٽئين نمبر تي موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.