ڪاش آئون دنيا جي بهتري لاءِ ڪجهه ڪري سگھان ها:سيلينا گومز

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) آمريڪي گلوڪارا ۽ اداڪارا سيلينا گومز عزا ۾ بيگناهه ٻارن، عورتن ۽ مردن جي شهادتن کي ڏسندي وڏو فيصلو ڪري ورتو آهي.
سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ سيلينا گومز جو چوڻ هو ته آئون ماڻهن کي ظلم ۽ مصيبتن کان بچائڻ جي قابل ناهيان. بي گناهن کي قتل ٿيندي ڏسي حيانءُ ڌڏي ويندو آهي. صورتحال کي نظر ۾ رکندي اداڪارا سوشل ميڊيا کان پري رهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
سيلينا گومز جو چوڻ هو ته آئون دهشتگردي جي مذمت ڪريان ٿي، ڪنهن به طبقي يا گروهه سان نفرت ڪرڻ، تشدد ڪرڻ، ڊيڄارڻ ۽ قتل ڪرڻ ڀوائتو آهي، اسان کي سڀني ماڻهن کي خاص ڪري ٻارن کي تشدد ۽ ظلم کان بچائڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته آئون ڄاڻان ٿي ته منهنجي پوسٽ سان ڪو به فرق نه پونندو ۽ اها ئي شيءِ مون کي پريشان ڪندي آهي. ڪاش آئون دنيا جي بهتري لاءِ ڪجهه ڪري سگھان ها، ائون ڪجهه عرصي لاءِ سوشل ميڊيا کان پري رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.