شاهين آفريدي جو ورلڊ ڪپ ۾ وڏو ڪارنامو، پهريون پاڪستاني بڻجي ويو

ڪولڪتا ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان فاسٽ بالر شاهين آفريديءَ اهم رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.

فاسٽ بالر شاهين آفريدي هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين سئو وڪيٽون حاصل ڪندڙ بالرن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو.

پاڪستاني بالر 51 مئچن ۾ سئو وڪيٽون مڪمل ڪيون، مچل اسٽارڪ 52 مئچز ۾ 100 وڪيٽون مڪمل ڪيون هيون.

شاهين آفريدي سئو وڪيٽون وٺندڙ تيز ترين پاڪستاني بالر بڻجي ويو آهي، هن اِهو اعزاز ورلڊ ڪپ ۾ بنگلاديش خلاف ميچ ۾ حاصل ڪيو جنهن ۾ هن پنهنجي پهرين ئي اوور ۾ بنگلاديشي اوپنر تنزيد حسن کي ٻُڙي تي آئوٽ ڪيو.

ثقلين مشتاق اِهو ڪارنامو 53 ون ڊي مئچن ۾ انجام ڏنو هو، نئپال جي سنديپ لميچاني 42 ۽ افغانستان جي راشد 44 مئچز ۾ اِهو ڪارنامو انجام ڏنو هو، مجموعي طور شاهين آفريدي تيز ترين سئو وٺندڙ ٽيون بالر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.