”افغانين کي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، پاڙيسري ملڪ سان لاڳاپا متاثر ٿيندا“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته قانوني طور رهندڙ افغانين کي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، اهڙن قدمن سان پاڙيسري ملڪ سان لاڳاپن تي ناڪاري اثر پوندا.
افغان پناهگيرن جي واپسي جي ڊيڊ لائن تي ردعمل ڏيندي فضل الرحمان چيو ته افغان پناهگير ٻه طرفو مسئلو آهي، افغان حڪومت سان ڳالهيون ڪيون وڃن ۽ کين اعتماد ۾ وٺي افغانين جي واپسي جو طريقي ڪار طئي ڪيو وڃي.
هن چيو ته قانوني طور تي پاڪستان ۾ رهندڙ افغانين کي به بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، انهن جي ملڪيتن تي قبضي لاءِ ظالماڻو رويو اختيار ڪيو پيو وڃي، اهڙن قدمن سان پاڙيسري ملڪ سان لاڳاپن تي ناڪاري اثر پوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.