وڪي ليڪس اسرائيل جو وڏو منصوبو وائکو ڪري ڇڏيو

غزا (ويب ڊيسڪ) وڪي ليڪس اسرائيلي انٽيليجنس وزارت جا دستاويز جاري ڪري ڇڏيا، جنهن ۾ فلسطينين کي غزا مان بي دخل ڪري سينائي موڪلڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي.
رپورٽ موجب اسرائيل جو غزا مان فلسطينين کي بي دخل ڪرڻ جو منصوبو وائکو ٿي ويو، حماس حملن جي هڪ هفتي بعد اسرائيلي انٽيليجنس وزارت دستاويز جاري ڪيا ويا.
وڪي ليڪس 10 صفحن تي ٻڌل دستاويز ليڪ ڪيا، دستاويزن ۾ فلسطينين کي غزا مان بي دخل ڪري سينائي موڪلڻ جو انڪشاف سامهون آيو، ان منصوبي تحت اتر غزا کي خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
دستاويز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسرائيلي فوج اتر کان ڏکڻ طرف زميني آپريشن ڪندي ۽ ڪاميابي تائين جي رستن کي ڪليئر ڇڏيو ويندو ۽ مصر جي شهر اتر سينائي ۾ فلسطينين کي خيمن ۾ منتقل ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.