”دهل وڄي دوسو بيهي“ افغانستان جي سريلنڪا کي مات، عرفان پٺاڻ جي ڊانس، وڊيو وائرل

پوني ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ سريلنڪا خلاف افغان ٽيم جي ڪاميابي تي هڪ ڀيرو وري اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر عرفان پٺاڻ جي ڊانس واري وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.

ڀارتي شهر پوني ۾ کيڏيل ميچ ۾ افغان ڪپتان حشمت الله شاهدي ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.

سريلنڪن ٽيم پهريان کيڏندي 49.3 اوورن ۾ 241 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

افغانستان 242 رنسن جو هدف ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 46 هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو.

پوائنٽس ٽيبل تي نظر ڊوڙائي وڃي ته افغان ٽيم ڇهن پوائنٽن سان پنجين پوزيشن تي اچي وئي آهي، افغانستان پوائنٽس ٽيبل تي پاڪستان کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Irfan Pathan (@irfanpathan_official)

جيڪڏهن افغانستان پنهنجي ايندڙ ميچن ۾ نيڌرلينڊز، آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي ٿو ته هو سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري سگهي ٿو.

سريلنڪا خلاف افغانستان جي فتح تي ڀارتي ڪرڪيٽر عرفان پٺاڻ ۽ هرڀجن سنگهه اسٽوڊيو ۾ جشن ملهائڻ شروع ڪري ڇڏيو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.

ان کان اڳ عرفان پٺاڻ افغانستان هٿان پاڪستان جي شڪست تي تمام گهڻو خوش نظر آيو جڏهن ته اسٽيڊيم ۾ اندر افغان رانديگرن سان گڏجي جهمر پڻ هنئي. جنهن تي کيس پاڪستاني مداحن طرفان تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو.

عرفان پٺاڻ ورلڊ ڪپ ۾ آءِ سي سي براڊ ڪاسٽر طور خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.