پريشان نه ٿيو مان ويٺو آهيان: آصف زرداري جي ڪارڪنن کي چونڊن جي تياري جي هدايت

نواب شاهه (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ڪارڪنن کي چونڊن جي تياري جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، مان ويٺو آهيان.
نواب شاهه ۾ آصف علي زرداري سان پ پ جي عورتن جي شعبي جي وفد ملاقات ڪئي، وفد جي قيادت عورتن جي شعبي جي سنڌ جي صدر شگفته جماڻي ڪئي.
ان موقعي تي آصف علي زرداري چيو ته عورتون پنهنجي شعبي ۾ ڪارڪنن کي متحد ڪن، تڪن ۾ ڪم ڪن، پ پ ڪارڪنن کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، مان ويٺو آهيان.
هن چيو ته پ پ عوامي سياست ڪندي آهي، اسان جي طاقت عوام جو اسان تي اعتماد آهي، پ پ ڀرپور تيارين سان ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺندي.
نواز شريف جي واپسي جي حوالي سان آصف زرداري چيو ته هو موٽي آيو آهي، سياست سندس حق آهي، سڀ کان اڳ مان نواز شريف کي موٽڻ جو چيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.