پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچنيج دنيا جي ٽين بهترين ڪارڪردگي واري مارڪيٽ قرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج دنيا جي ٽين بهترين ڪارڪردگي واري اسٽاڪ مارڪيٽ بڻجي وئي، 100 انڊيڪس ۾ 12.3 سيڪڙو جي واڌ ڏسڻ ۾ آئي.
آءِ ايم ايف سان معاهدي کانپوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج نين بلندين کي ڇُهيو آهي ۽ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندي ايڪسچينج دنيا جي ٽين بهترين ڪارڪردگي واري اسٽاڪ مارڪيٽ بڻجي چڪي آهي.
آڪٽوبر ۾ 100 انڊيڪس ۾ 12.3 سيڪڙو ۽ 5688 پوائنٽن جي واڌ نوٽ ڪئي وئي آهي، هلندڙ مالي سال جي 4 مهينن ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 25.3 سيڪڙو واڌ ٿي.
آڪٽوبر ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن ۾ 666 ارب، 9.6 سيڪڙو واڌ ڏسڻ ۾ آئي، آڪٽوبر جي آخر تائين مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 7551 ارب رپيا رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.