بجلي واهپيدارن تي هڪ ٻيو واڌو بار وجهڻ جون تياريون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سي پي پي اي جي 55 پئسا في يونٽ بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جي درخواست تي سڀاڻي نيپرا ۾ ٻڌڻي ٿيندي.
بجلي واهپيدارن تي 8 ارب 37 ڪروڙ رپين جو واڌو بار وجهڻ جو امڪان آهي، نيپرا بجلي 55 پئسا في يونٽ وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جي درخواست تي سڀاڻي ٻڌڻي ڪندي.
بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست سي پي پي اي ڏني آهي ۽ بجلي جي اگهه ۾ واڌ سيپٽمبر 2023 جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ گهري وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل واڌ سان واهپيدارن تي 8 ارب 37 ڪروڙ رپين جو واڌو بار پوندو پر بجلي جي اگهه ۾ واڌ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ نه هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.