واٽس ايپ ۾ نئون پرائيويسي فيچر شامل، ڪهڙي ڪم ايندو؟

واٽس ايپ ۾ هڪ نئون فيچر وڌايو پيو وڃي جيڪو واهپيدارن جي پرائيويسي کي وڌيڪ تحفظ فراهم ڪندو.

الٽرنيٽ پروفائيل نالي اهو نئون فيچر اينڊرائڊ ڊوائيسز لاءِ واٽس ايپ جي بيٽا ورجن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.

رپورٽ موجب واٽس ايپ ۾ نئين پرائيويسي فيچر جو اضافو ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ واٽس ايپ ۾ ڪالز جي آءِ پي ايڊريس کي لڪائڻ جو فيچر به متعارف ڪرايو ويو هو.

رپورٽ ۾ هڪ اسڪرين شاٽ به شيئر ڪيو ويو آهي جنهن مان اشارو ملي ٿو ته اهو فيچر پرائيويسي سيڪشن جي اندر پروفائل فوٽو جي سيٽنگز ۾ موجود هوندو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته الٽرنيٽ پروفائيل ذريعي واهپيدار کي پنهنجي پروفائيل فوٽو جي پرائيويسي جي حوالي سان وڌيڪ ڪنٽرول ملي ويندو.

مثال طور جيڪڏهن اوهان پروفائيل فوٽو کي رڳو پنهنجي ڪانٽيڪٽس تائين محدود ڪيو آهي ته ڪانٽيڪٽ لسٽ کان ٻار موجود ماڻهو پروفائيل فوٽو نٿا ڏسي سگھن.

پر ان نئين فيچرسان اهڙن ماڻهن جو الٽرنيٽ پروفائيل فوٽو ڏسي سگھبو.

اهڙيءَ طرح اهو فيچر واهپيدارن جي پرائيويسي کي تحفظ فراهم ڪري سگھندو ۽ اهي پنهنجن تفصيلن تي وڌيڪ ڪنٽرول حاصل ڪري سگھندا.

امڪاني طور تي الٽرنيٽ پروفائيل ۾ واهپيدار پروفائيل فوٽو سان گڏوگڏ مختلف تفصيلن جو اضافو به ڪري سگھندا.

في الحال اهو فيچر بيٽا ورجن ۾ ڏنو ويو آهي تنهنڪري اهو چوڻ ڏکيو آهي ته ڪيستائين سڀني واهپيدارن لاءِ ان کي متعارف ڪرايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.