سون وري مهانگو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ واڌ سامهون آئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ۾ 900 رپين جي واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت ٻه لک 13 هزار رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 771 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 82 هزار 613 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 3 ڊالر واڌ سان 2015 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.