” ڀارتي ٽيم چيمپئينز ٽرافي کيڏڻ لاءِ پاڪستان نه ايندي، ايونٽ نيوٽرل وينيو تي ٿيندو“

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت هينئر کان ئي چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان مان ڪنهن ٻئي ملڪ منتقل ڪرائڻ جو شوشو ڇڏي ڏنو.

هلندڙ سال بي سي سي آءِ ڀارتي حڪومت جو جواز ڄاڻائي پنهنجي ٽيم ايشيا ڪپ لاءِ موڪلڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو هو، جنهن سبب پي سي بي نالي ماتر هاءِ برڊ ماڊل تحت چئن ميچن جي ميزباني ملي ۽ فائنل سميت سمورو ايونٽ سريلنڪا ۾ کيڏيو ويو.

هائبرڊ ماڊل تحت ڀارتي ٽيم پنهنجو سڀ ميچون سريلنڪا ۾ کيڏي چيمپيئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايشيا ڪپ لاءِ ٽيم پاڪستان نه موڪلڻ جي صورت ۾ پنهنجي ٽيم عالمي ڪپ لاءِ ڀارت نه موڪلڻ جي ڌمڪي ڏني هئي پر ان تي قائم نه رهي سگهيو ۽ وسيع مفادن وارو پراڻو راڳ الاپي ٽيم ڀارت موڪلي ڇڏي.

هاڻ پاڪستان کي 2025ع ۾ چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني ڪرڻي آهي، ڀارتي ميڊيا هنيئر کان ئي شوشو ڇڏيو ڏنو آهي ته حڪومت ۽ بي سي سي آءِ ٽيم پاڪستان نه موڪليندا، ان سان گڏوگڏ اِهو به چئي ڇڏيو آهي ته آءِ سي سي ايونٽ لاءِ نيوٽرل وينيو جي چونڊ ڪندو.

ڀارتي ميڊيا موجب، ڀارتي ٽيم جي پاڪستان اچڻ کان انڪار جي صورت ۾ ميگا ايونٽ سريلنڪا يا گڏيل عرب رياستن ۾ ڪرائي سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.