هٿ ٺوڪي پروپيگينڊا ڪري ڪوڙا ڪيس ڪيا ويا آهن: ڊاڪٽر موهن لال ڪوهستاني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر موھن لال ڪوھستاني چيو آهي مونکي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي مون ڪڏھن به غلط ڪم ناهي ڪيو، هميشه سنڌ جي غريب مسڪين لاچار ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي جنهن جو سلو ملي رهيو آهي.

ڊاڪٽر موهن لال ڪوهستاني پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته جڏھن به اليڪشن ويجھو ايندي آھي مخالف منهنجي خلاف پروپيگنڊا شروع ڪندا آھن پر ڄامشورو ضلعي جو عوام ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت منھنجي ڪردار کان چڱي طرح واقف آھن ڄامشورو جي عوام جي خدمت ڪرڻ جي مونکي سزا ڏني پئي وڃي .

هن چيو ته ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا انهن کي عدالت ۾ مونهن ڏئي رهيو آهيان، مخالف منھنجو سياسي رستو روڪڻ پيا چاھين ته جئين مونکي عوام جي خدمت کان پري ڪري سگھن.

ڊاڪٽر موھن لال ڪوھستاني وڌيڪ چيو ته منھنجا ھٿ صاف آھن ڪڏھن به غير قانوني ڪم ناھي ڪيو جو ماڻھو منھنجي ڪردار ڪشي ڪن يا جيڪي مونکي پوئتي پيا ڪن انھن سڀني جي هڪ ڏينهن ضرور ناڪامي ٿيندي.

سندس چوڻ هو ته مان شھيد محترم بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جو پراڻو ساٿي ۽ جيالو آھيان بلاول ڀٽو زرداري ۽ ادي فريال ٽالپر جو جيالو آھيان ڪڏھن به اھڙو ڪم نٿو ڪري سگھان جيڪو قانون جي خلاف ھجي .

هن چيو ته مونکي هڪ دفعو ٻيهر موقعو مليو ته ڄامشورو ضلعي توڙي خاص ڪري ٿاڻوبولاخان جي عوام جي خدمت ڪندس ۽ ترقياتي ڪم جو ڄار وڇائڻ سان گڏ غريب ورڪرن کي نوڪريون ڏنيون وينديون پوءِ ڀلي مخالف مخالفتون ڪن ڪنهن جي پرواهه ناهي. اسان پيپلزپارٽي جا جيالا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.