نگران حڪومت غير قانوني افغانين کي پاڪستان واپسيءَ جو طريقو ٻڌائي ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته جن غير قانوني افغانين کي واپس موڪليو پيو وڃي، اتي پوءِ قانوني طريقي سان واپس اچي سگهن ٿا.

اسلام آباد ۾ ڪابينا اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سرفراز بگٽي چيو ته غير قانوني طور رهندڙ افغانين کي ويجهي بارڊر تائين پهچايو ويندو، جڏهن ته اهو تاثر غلط آهي ته رڳو افغانين کي ڪڍيو پيو وڃي، سمورن غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي پر اڪثريت افغانين جي آهي.

هن چيو ته عورتن ۽ بزرگن جو احترام ڪيو پيو وڃي، ٻارن سان شفقت سان پيش اچي رهيا آهيون، تقريبن ٻه لک غير قانوني ماڻهو ٻن مهينن دوران واپس ويا آهن.

سندس چوڻ هو ته اهي ماڻهو ويزا وٺي هتي اچي ڪاروبار ڪري سگهن ٿا، دوستن سان ملي سگهن ٿا.

نگران گهرو وزير وڌيڪ چيو ته غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي گهر مسواڙ تي ڏيڻ به ڏوهه آهي، غير قانونين بابت حڪومت کي اطلاع فراهم ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.