نيٽ فليڪس تي پاڪستان ۾ ڪهڙيون فلمون ٽاپ ٽرينڊ آهن؟

Netflix دنيا جو سڀ کان مشهور آن لائن اسٽريمنگ پليٽ فارم آهي جتي لکين ماڻهو هر روز پنهنجون پسنديده فلمون ۽ ويب سيريز ڏسندا آهن.

نيٽ فلڪس تي هر روز ڪيتريون ئي نيون فلمون ۽ سيريز رليز ٿينديون آهن، جيڪي فلمن جا شوقين فوري ڏسندا آهن ۽ پوءِ اهي ٽرينڊنگ ۾ اچي وينديون آهن پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ان پليٽ فارم تي ڪا پراڻي فلم به ٽريڊ ڪندي آهي.

اچو ته ڄاڻون ته پاڪستان ۾ Netflix تي اڄ ڪهڙيون ٽرينڊنگ فلمون آهن.

ڊريم گرل 2

ڊريم گرل 2 هڪ هندي فلم آهي جيڪا هن سال 24 آگسٽ تي سينيما گهرن ۾ رليز ٿي. فلم 2019 جي فلم ”ڊريم گرل“ جو سيڪوئل آهي جنهن ۾ ايوشمان ڪهرانا مرڪزي ڪردار ۾ آهي.

فلم جي ڊيٽا ويب سائيٽ ‘IMDB’ جي مطابق، ڊريم گرل 2 جي ڪهاڻي هڪ اهڙي شخص جي چوڌاري گهمي ٿي، جيڪو پاڻ کي ڊانسر جو روپ ڏئي ٿو ۽ هڪ ڪروڙ پتي جي پٽ کي لالچ ڏئي پنهنجي گهر جو قرض لاهڻ چاهي ٿو.

راجشن دهلي جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم ۾ ايوشمان خرانا، اننيا پانڊي، پريش راول ۽ وجي راج مرڪزي ڪاسٽ ۾ شامل آهن.

ڊريم گرل 2 پاڪستان ۾ آچر تي نيٽ فلڪس تي ٽاپ ٽريڊنگ ۾ آهي.

چندر مکي 2

چندرمکي 2 هڪ ڏکڻ هندستاني تامل فلم آهي جيڪا هن سال 28 سيپٽمبر تي رليز ٿي جيڪا پاڪستان ۾ آچر تي نيٽ فلڪس تي ٽرينڊ ٿي رهي آهي.

چندرمکي 2 2005 جي سپر اسٽار رجنيڪنٿ جي فلم چندرمکي جو سيڪوئل آهي جنهن ۾ ڪنگنا رناوت، مهيما نمبيار، راگھوا لارنس ۽ لکشمي مينن شامل آهن ۽ هدايتڪار پي واسو آهي.

چندرمکي جي ڪهاڻي هڪ اهڙي عورت جي ڪهاڻي آهي جيڪا هڪ ذهني بيماريءَ ۾ مبتلا آهي ۽ هڪ نفسياتي ڊاڪٽر کان علاج ڪرائيندي آهي جيڪا زندگي لاءِ خطرو بڻجي ٿي.

آئرائيون

آئرائيون 2023 جي تامل فلم آهي جيڪا هڪ سيريل قاتل جي چوڌاري گهمي ٿي جنهن کي پوليس وارا ارجن ۽ اينڊريو گرفتار ڪن ٿا پر انهن جي حراست مان فرار ٿي وڃي ٿو.

هن فلم جي مرڪزي ڪاسٽ ۾ ڏکڻ هندستاني سپر اسٽار اداڪارا نينتارا، جيمي روي، راهول بوس ۽ ونود ڪشن شامل آهن. فلم جي هدايتڪاري آئي احمد ڪئي آهي.

دي بليڪ فون

دي بليڪ فون 2019 جي هالي ووڊ فلم آهي جيڪا آمريڪي ليکڪ جو هيل جي مختصر ڪهاڻي ’دي بليڪ فون‘ تي ٻڌل آهي.

فلم جي ڪهاڻي هڪ 13 سالن جي ڇوڪري جي چوڌاري گهمي ٿي جنهن کي ٻارن جو سيريل قاتل اغوا ڪري ٿو ۽ پوءِ پراسرار طور تي هڪ ٽيليفون سيٽ تي ڪالون اچڻ شروع ٿين ٿيون جيڪو ڪافي عرصي کان بند آهي.

اسڪاٽ ڊيرڪسن جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم جي ڪاسٽ ۾ ايٿن هاڪ، ميسن ٿامس، ميڊيلين ميڪ گراٿ، ميگيل ڪيزرس مورا ۽ برڊي هيپنر شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.