پيٽروليم شين جا اگهه گهٽجندا يا نه؟ اهم خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهه ۾ في بيرل 5 ڊالر لاٿ کانپوءِ پاڪستان ۾ پهرين نومبر کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جون خبرون گردش هيٺ هيون پر هاڻ ان جو امڪان گهڻي حد تائين گهٽجي ويو آهي.
ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ اگهن ۾ معمولي گهٽتائي يا وري برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.
دستاويز موجب عالمي مارڪيٽ ۾ اگهن جي سراسري شرح 90.99 ڊالر في بيرل آهي، 16 آڪٽوبر کان ملڪي سطح تي رپئي جو قدر مستحڪم ٿيڻ بدران ڪمزور ٿيو.
16 آڪٽوبر تي ايڪسچينج ريٽ تحٽ رپئي جو قدر 276 رپيا 75 پئسا هو، 30 آڪٽوبر تي رپئي جو قدر 281 رپين کان وڌيڪ تي ٽريڊ ڪري رهيو آهي.
ايڪسچينج ريٽ ۽ عالمي مارڪيٽ سبب اگهن ۾ وڏو رليف نٿو ٺهي، اوگرا اگهن بابت تجويز 31 آڪٽوبر تي حڪومت کي موڪليندي.
پيٽروليم شين جي اگهن بابت حتمي فيصلو نگران وزيراعظم ڪندو، ناڻي واري وزارت وزيراعظم جي مشاورت کانپوءِ اگهه مقرر ڪندي.
ان کان اڳ ذريعن جو چوڻ هو ته پهرين نومبر کان پيٽرول 15 کان 20 رپيا في ليٽر، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل 10 کان 16 رپيا في ليٽر گهٽجڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.