مولانا طارق جميل جي وڏي پٽ ننڍي ڀاءَ جي آپگهات جي تصديق ڪري ڇڏي

ناليواري عالم مولانا طارق جميل جي پٽ عاصم جميل جي آپگهات جي تصديق مرحوم جي وڏي ڀاءُ مولانا يوسف جميل ڪري ڇڏي.
مولانا طارق جميل گذريل ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پٽ جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي چيو هو ته ان حادثاتي موت ماحول سوڳوار بڻائي ڇڏيو آهي، توهان سڀني کي درخواست آهي ته اسان کي پنهنجي دعائن ۾ ياد رکو، الله پاڪ پنهنجي پٽ کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.
هوڏانهن پوليس چيو هو ته مولانا جي پٽ جو قتل ناهي ٿيو پر هن آپگهات ڪيو آهي.
هاڻ مرحوم جي وڏي ڀاءُ وڊيو پيغام ۾ عاصم جميل جي آپگهات جي تصديق ڪندي چيو آهي ته منهنجو ڀاءُ ننڍپڻ کان ڊپريشن جو مريض هو.
مولانا يوسف جميل چيو ته عاصم جميل جي بيماري ۾ گذريل 6 مهينن کان شدت اچي وئي هئي، بيماري کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ کيس اليڪٽرڪ شاڪ لڳايا ويندا هئا پر ان سان به ڪو فائدو نه ٿيندو هو.
هن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن هو اتفاقي طور گهر ۾ اڪيلو هو ۽ اذيت برداشت نه ڪري سگهيو ۽ عاصم سيڪيورٽي وارن کان بندوق وٺي پاڻ کي گولي هڻي ڇڏي.
پنهنجي پيغام ۾ يوسف جميل چيو ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي ته ڪنهن سان دشمني هئي يا ڪنهن حملو ڪيو، ان جي تقدير هئي ۽ اسان الله جي فيصلي تي راضي آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.