” شاداب خان اميدن تي پورو نه لٿو“ شاهد آفريدي نائب ڪپتان تي ڏمريل

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ چيف سليڪٽر شاهد آفريديءَ نائب ڪپتان شاداب خان تي ڪارڪردگي نه ڏيکارڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

نجي ٽي وي چئنل جي هڪ پروگرام دوران ميزبان شاهد آفريدي ۽ مشتاق احمد کان پاڪستان ٽيم جي اسپن بالنگ ڪوچ نه هجڻ بابت سوال ڪيو جنهن جي جواب ۾ شاهد آفريديءَ جو چوڻ آهي هو ته ٻاهرين ملڪن ۾ اسان جي اسپنرن کي ڪوچ طور مقرر ڪيو پيو وڃي پر اسان وٽ صورتحال مختلف آهي.

شاداب خان جي ٽيم مئنيجمينٽ کان نائب ڪپتان طور پنهنجا مطالبا رکڻ ۽ مڃائڻ بابت سوال تي شاهد آفريديءَ چيو ته شاداب ٽيم کان ڪجهه گهري يا نه گهري، اسان کي شاداب کي پرفارمنس گهري هئي.

هن چيو ته شاهين جي وليمي تي منهنجي شاداب خان ڳالهه ٻول ٿي هئي، مون کيس چيو هوته جيڪڏهن ڪنهن مدد جي ضرورت آهي ته مان حاضر آهيان، جنهن تي مشتاق احمد چيو ته ورلڊ ڪپ کان اڳ شاداب مون سان بالنگ بابت صلاح مشورو ڪيو هو پر ورلڊ ڪپ دوران شاداب جو مون سان ڪو به رابطو ناهي ٿيو.

شاهد آفريدي چيو ته جيڪڏهن ٻين ٽيمن تي نظر ڊوڙائي وڃي ته ڪو نه ڪو رانديگر ميچ ۾ سينچري اسڪور ڪري ٿو وجهي، پر اسان جا رانديگرن جي سينچري نظر ئي نٿي اچي، هي سينچرين واريون وڪيٽون آهن، ٻين ٽيمن ۾ رانديگر جي نمبرن ۾ ڦيرڦار ٿئي ٿي، کين هيٺ مٿي کيڏايو وڃي ٿو پرفارم ڪن ٿا پر پاڪستان ٽيم ۾ ڪو به پنهنجو نمبر تبديل ڪرڻ نه ٿو چاهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.