ملڪ ۾ شفاف چونڊن لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: چيف اليڪشن ڪمشنر

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته عام چونڊن جو وقت ويجهو آهي، سڀني کي گڏجي منصفاڻي ۽ شفاف اليڪشن يقيني بڻائڻي آهي.

پنجاب جي وزيرِ اعليٰ هائوس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ۽ نگران وڏي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي چئني صوبائي ميمبرن ۽ پنجاب ڪابينا شرڪت جڏهن ته اجلاس ۾ عام چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن جي انتظامن ۽ پنجاب سرڪار جي تيارين جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ عام چونڊن لاءِ سيڪيورٽي انتظامن تي آگاهي ڏني وئي ۽ ان دوران پُر امن،آزداڻي ۽ منصفاڻي اليڪشن ڪرائڻ جو عزم ورجايو ويو.

عام چونڊن جي سلسلي ۾ نگران پنجاب حڪومت اليڪشن ڪميشن سان سهڪار لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪندي.

اجلاس ۾ گفتگو ڪندي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته عام چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون، چونڊن جو وقت ويجهو آهي، سڀني کي گڏجي منصفاڻي ۽ شفاف اليڪشن يقيني بڻائڻي آهي جنهن لاءِ اليڪشن ڪميشن تيار آهي.

هن چيو ته نگران پنجاب سرڪاري کي فري اينڊ فيئر چونڊن لاءِ مڪمل سپورٽ ڪنداسين، پنجاب حڪومت هينئر تائين جي کنيل قدمن مان مطمئن آهيون، ٽيهه نومبر تائين تڪبندين وارو مرحلو مڪمل ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.