راولپنڊي(ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو ته آهي ته نوَ مئي لعنتي پروگرام هو جنهن به ڪيو غلط ڪيو.
راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته لال حويلي ذاتي ملڪيت آهي، اتان منهنجي والدين ۽ ڀائرن جا جنازا نڪتا آهن.
هن چيو ته سي پي او جي خبر آهي ته 17 سپٽيمبر کان 22 آڪٽوبر تي ڪٿي هيس.
شيخ رشيد چيو ته ٽيهه ڪلو وزن گهٽجي ويو آهي اڄ ڪاليج جو ڪورٽ پاتو آهي، دعا ڪيو منهنجي سرجري نه ٿئي، جيڪڏهن سرجري ٿئي ٿي ته سڀ مون کي معاف ڪريو.
هن چيو ته ڪڏهن به فوج خلاف ناهي ڳالهايو، نوَ مئي لعنتي پروگرام هو جنهن به ڪيو غلط ڪيو.