غزا ۾ هٿين خالي فلسطينين تي اسرائيلي بمباري جاري، شهيدن جو انگ 9 هزار کان وڌي ويو

غزا ( ويب ڊيسڪ ) اسرائيل جي غزا ۾ تباهڪاري جاري، شهيد فلسطينين جو انگ 9 هزار کان وڌي ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب، صيهوني فوج جا غزا تي زميني، هوائي ۽ سامونڊي حملا جاري آهن جنهن جي نتيجي ۾ 350 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا.

فلسيطين جي صحت واري وزارت موجب، شهيد فلسطينن جو انگ 9 هزار کان وڌي ويو آهي جن ۾ 3600 کان وڌيڪ ٻارڙا ۽ 1900 کان وڌيڪ عورتون شامل آهن.

صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج جي حملن ۾ 22 هزار کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته 940 ٻارن سميت 1650 فلسطيني گم آهن.

اسرائيلي فوج جي غزا ۾ هوائي ۽ زميني حملن سبب هزاري عمارتون تباهه ٿي ويا آهن جن ۾ اسپتالون، اسڪول ۽ مسجدون شامل آهن ۽ هر پاسي حيانءُ ڏاريندڙ منظر ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

ٻئي پاسي گذريل ڏينهن حماس جي عسڪري ونگ القسام بريگيڊ اسرائيل جي ڳجهن ٿاڪن واري شهر ديمونا کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

حماس طرفان اسرائيلي فوجي گاڏيءَ تي حملي جي وڊيو پڻ جاري ڪئي وئي جنهن ۾ اسرائيلي گاڏيءَ کي القسام بريگيڊ جي راڪيٽ سان تباهه ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو.

حماس طرفان زخمي ڪارروائي ۾ شريڪ هڪ اسرائيلي فوجي ٽرڪ کي تباهه ڪيو ويو جڏهن ته القدس بريگيڊ رفاح جي اولهندي علائقي ۾ اسرائيلي فوج تي مارٽر گولن ذريعي حملن جي دعويٰ ڪئي آهي.

هوڏانهن لبناني تنطيم حزب الله طرفان به اسرائيلي فوج تي حملي ڪيا ويا آهن جنهن ۾ اسرائيلي فوجي گاڏي تباهه ٿي وئي، لبناني مزاحتمي تنظيم طرفان جاري ڪيل تازي وڊيو ۾ اسرائيل جي اندر هڪ موجود هڪ چوڪيءَ کي نشانو بڻائڻ جا منظر پڻ شامل ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.