بلوچستان: فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا، 2 فوجي جوان شهيد

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي ضلعي آوران جي علائقي کهـوڙو ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ٻه دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته ٻه زخمي ٿي پيا.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگردن سان مقابلي ۾ نائب صوبيدار آصف عرفان ۽ سپاهي عرفان علي شهيد ٿي ويا، 37 ورهين جي شهيد نائب صوبيدار آصف جو تعلق اوڪاڙا سان هو جڏهن ته شهيد 22 سالا سپاهي عرفان علي سرگوڌا جو رهواسي هو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت خم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن علائقي ۾ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.

آءِ ايس پي آر موجب، بهادر سپاهين جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائينديون آهن……….

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.