تل ابيب (ويب ڊيسڪ) شديد تنقيد کان پوءِ اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو پنهنجي تڪراري ٽوئيٽ تي معافي گھري ورتي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب سرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو پنهنجي بيان ۾ غلطي جو اعتراف ڪندي چيو ته آئون غلط هيس، جيڪي ڳالهايون آئون ڪيون اهي نه ڪرڻ گھرجن ها.
نيتن ياهو چيو ته آئون معذرت خواهه آهيان ۽ سيڪيورٽي ادارن جي سڀني سربراهن جي مڪمل حمايت ڪريان ٿو، هن پنهنجي غلطي تسليم ڪندي تڪرار ٽوئيٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته نيتن ياهو پنهنجي ٽوئيٽ ۾ 7 آڪٽوبر حملي جي ناڪامي تي سيڪيورٽي ۽ انٽيليجن سروسز کي ان جو ذميوار قرار ڏنو هو.
Prev Post
You might also like