ڪشمير ۽ فلسطين جا حمايتي گهڻا پر سنڌ جي ڳڻتي ڪنهن کي ڇو ناهي!

تحرير: زاهد اوٺو

جڏهن به ڪشمير جي ڳالهھ ڇڙندي آهي ته آرٽيڪل 370 سميت ڪشمير جي راجا هري سنگھه جو نالو ذڪر هيٺ ايندو آهي 1840ع ۾ انگريزن رياست ڄمون ۽ ڪشمير کي 45 لکن عيوض راجا گلاب سنگهه کي وڪرو ڪئي وئي جنهن سان ڪشميرين جي غلامي جي زنجير هڪ هٿ کان ٻي هٿ منتقل ٿي، هندوستان ورڇ ٿيڻ وقت ننڍي کنڊ جي 565 رياستن کي اهو اختيار حاصل هو ته هو پاڪستان يا ڀارت جو حصو ٿي سگهن ٿيون، جنهن وقت ڪشمير ۾ مسلمانن جي واضح اڪثر ھئڻ باوجود کين هندو راجا هري سنگهه  موجود عوام مخالف فيصلو ڪندي ڪشمير کي 26 آڪٽوبر  1947ع ۾ هندستان ۾ شامل ڪيو، جتان ڪشمير جي عبرتناڪ ۽ ڊگهي غلامي جي ابتدا ٿي ۽ جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان – هندستان وچ ۾ 1947 ع ۾ پهرين جنگ جو آغار ٿيو، جيڪو علائقو اڄ به تڪرار هيٺ آهي، جنهن ۾ اڄ به پاڪستان ۽ ڀارت جون ترقي پسند تنظيمون ڪشمير جي آزادي جي حمايت ڪن ٿيون جڏهن ته پاڪستان ۽ ڀارت ڪشمير تڪرار هيٺ ڪيتريون ئي جنگيون وڙهي چڪا آهن.

دنيا جي ٻي عالمي جنگ جو فائدو وٺندي يهودين فلسطين ۾ آزاد رياست جو اعلان ڪيو. 1947ع ۾ گڏيل قومن ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن ۾ اردن اولهھ ۾ هڪ نئين رياست جي تجويز ڏني وئي، يعني فلسطين ۾ ٻه رياستون قائم ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو، هڪ يهودي رياست ٻي عرب رياست، جنهن ٺهراءُ کان پوءِ يهودين کي عرب دشمني کي منهن ڏيڻو پيو ۽ گهرو ويڙهه شروع ٿي. آخر ۾ 14 مئي 1948ع ۾ اسرائيلي رياست جو باقائدي آغاز ٿيو جنهن جي ٻئي ڏينهن ئي عرب ملڪن هن نئين رياست تي حملو ڪري ڇڏيو جنهن جنگ ۾ اسرائيل پاران عرب ملڪن کي شڪست حاصل ٿي ۽ ڪيترائي علائقا قبضي هيٺ پڻ آندا ويا اهڙي طرح مختلف وقتن ۾ مختلف جنگيون ٿينديون رهيون ۽ هر دفعي اسرائيل نه صرف جنگ ۾ فتح حاصل ڪئي بلڪه فتح سان گڏ ڪجھه علائقا به ڳڙڪائيندڙ رهيو.

اڄ اسرائيل جو سرحدون ايتريون ته طويل ٿي ويون آهن فلسطين جي وچ ۾ گهيريل آهي. فلسطينين جي بدقسمتي اها هئي ته جنهن وقت برطانيا، يهودين کي آباد ڪري رهيو هو کيس مقابلو ڪرڻ جيتري سگهھ ۽ اهڙي سگهاري ليڊر شپ موجود نه هئي جنهن جو نتيجو اڄ فلسطين ڀوڳي رهيو آهي پر اسرائيل جي طاقت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪيترن ئي عرب ملڪن گڏجي اسرائيل تي حملو ڪيو پر کيس ڪڏهن به شڪست نه ڏئي سگهيا پر فلسطين جيڪو گوريلا جنگ جو آغار ڪيو آهي اهو اسرائيل ڏانهن خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو ڇو جو اسرائيل ۽ آمريڪا جهڙا ملڪ گوريلا جنگ جا ڀيانڪ نتيجا ڀوڳي ويٺا آهن پو اهو وئٽنام هجي يا طالبان.

ڪشمير ۽ فلسطين جي سڄي تاريخ تي نظر وجهڻ جو مقصد اهو ته ڪشمير ۽ فلسطين جي ذڪر ڪيل تاريخ ۾ قهر جي اها ڪهڙي ڪاتي آهي جيڪا  سنڌ جي سيني مٿان ناهي گذري پر فرق فقط ايترو آهي ته فلسطين سان ايران سميت کاٻا ۽ ساڄا عرب ملڪ گڏ آهن ۽ فسلطيني عوام گڏ آهي ۽ اسرائيل سان آمريڪا، برطانيا، فرانس ۽ يهودي ڪٺي آهن پر سنڌ اڪيلي آهي، جنهن سان نه ايران گڏ آهي نه ئي آمريڪا نه ئي عرب ملڪ، پر ايتري قدر جو سنڌ جي عوام ۽ نه ئي مذهبي گروپ جن جا جذبا فلسطينين جي خون تي جوت جيئن جرڪي اٿن ٿا، چوڻ جو مقصد اهو ناهي ته مذهبي گروپ جان جوکي ۾ وجهي جهاد تي وڃي رهيا آهن ۽ اسان کين انڪار ڪري رهيا آهيون اسان کي جيترو ڪھل ڪشميرين جي ڪسجڻ تي آهي ايتري ئي فلسطين جي تڙپندڙ لاشن تي ۽ ايترو ئي اسرائيلين جي رت ۾ ريٽو ٿيڻ تي.

ڏٺو وڃي ته پاڪستاني ۽ سنڌي قوم ۽ گهڻي ڀاڱي مذهبي گروپ جيتري قدر ڪشميرين جي محڪوميت ماتم ڪن ٿا ۽ فلسطين جي ڦرجن تي ڦٿڪن ٿا ايترو سنڌ جي اجتماعي طور تي ٿيندڙ استحصال تي سندن اندر ۾ ايذاءُ محسوس ڇو نه ٿا ڪن؟ جتي ڪشمير ۽ فلسطين ۾ ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪري کانئن ڌرتي کسي وئي آهي اتي زرعي انقلاب جي نالي تي زمينن تي ٿيندڙ والار ۽ سنڌ تي ڪابلي، ڪانڌاري، برمي، بهاري ۽ ٻيون قومون آباد ڪري ساڳي طرح سان سنڌ جي زمين ڌرتي ڌڻين جي پيرن هيٺيان کسڪائي ڪڍڻ تي ڪھل ڇو نه ٿي اچي؟  جتي فلسطينين جا نوجوان، ٻار ۽ ٻڍا اسرائيلي فوج هٿان گولين سان گهائڻ تي گهٻرائڻ وارن کي ماڙي جلباڻي ۾ وردي پوش وقت جي آقائن هٿان اٺن هارين جي جنازن تي کين مائن ۽ ڀيڻن جون ڪوڪون ڪنن تائين ڇو نه ٿيون پهچن؟ ڪشمير ۾ لڳل ڪرفيو سبب بک تي ڀڙڪڻ وارن کي سنڌي %71  ماڻهن جي هڪ ويلي واري پريشاني ۽ ٿر ۾ هر سال غذائي کوٽ سبب هزارين مرندڙ ٻارن جي مائرن جو خالي جھوليون ڇو نه ٿيون نظر اچن؟ جتي فلسطين جي هاسپيٽل ۾ هزارين ماڻهو علاج لاءِ  تڙپن ٿا اتي ٽنڊوباگو لڳ واهڻائي موري ڳوٺ علي محمد ملاح ۾ سهرن ۽ ڏيرن هٿان مدي خارج رسم ڪارو ڪاري جي الزام هيٺ بي دردي سان قتل ڪيل انيلا ملاح جو لاش ليڊي ڊاڪٽر نه هوڻ سبب ٻارنهن ڪلاڪن تائين سوزوڪي ۾ کڻي بدين ۽ ٽنڊي باگي جا چڪر ڪاٽيندڙ تي چڪر ڇو نه ٿا اچن؟

اهو ذهين نشين ڪرڻ گهرجي ته جنهن ڌرتي تي ڌارين قوم کي آباد ڪيو وڃي ٿي ان جو مستقبل ۾ نقشو ساڳيو نه ٿو رهي ۽ اڄ افغانين جي معاملي تي به سنڌي قوم کي سوچڻ کپي ته جنهن جو نسل پرايو آ ان کي پنهنجو سمجهڻ اجايو آ، جيڪڏهن افغانين کي اڄ هتان نه تڙيو ويو ته هي افغاني هڪ هنڌ ڪٺي ٿي اسرائيلين جيان  زمين ۾ حصي جي گهر ڪندا جيڪو منظر سنڌ پهريان به ڏسي چڪي آهي.

جيئن مٿي ذڪر ڪيل ڪشميرين جي اڪثريت خلاف تخت تي ويٺل هري سنگھه عوام دشمن فيصلا ڪيا آهن اتي اڄ به سنڌ مٿان الائي ڪيترا هري سنگھه وطن دشمن هربا هلائي رهيا آهن جنهن جو چٽو ۽ واضع ثبوت اهو آهي ته بلوچستان جو ووٽ بلوچن جي حق ۾ استعمال ٿئي ٿو ساڳي طرح پٺاڻن جو ووٽ به انهن جي حق ۾ ڪتب اچي ٿو واحد سنڌ جو ووٽ آهي جيڪو سنڌين جي حق ۾ استعمال ٿيڻ بجاءِ سندن ڌرتي جي وجود خلاف استعمال ٿئي ٿو ۽ اسان کي صرف حڪومت پاران اهو ٻڌايو ويندو آهي ته پاڻ تي دنيا جو قرض ۽ پيپلز پارٽي چوي ٿي ته ڀٽي جو قرض آهي اتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سنڌي قوم فقط قرض لاهڻ لاءِ  ئي پيدا ٿي آهي؟ پر اسان جي حقن ته ٻڌڻ ۽ پورو ڪرڻ وقت جي چونڊيل نمائيندن جو فرض آهي ڇو ته اسان تي ڀٽي جو قرض نه پر حاڪمن تي عوام جو قرض آهي انڪري سنڌ واسي پنهنجو حق ڇنڻ لاءِ  يزيد سان امامن وارو ڪردار ادا ڪن ۽ وسيلن سميت ننگن ۽ دنگن لاءِ  پنهنجا سپر سينا ڍال بڻائي پنهنجي وطن جي حفاظت ڪن ٻي صورت ۾ اسان جو به اهو حشر ٿيندو جيڪو فلسطين ۽ ڪشمير سان ٿي رهيو آهي پو اسان صرف رڙيون ئي ڪري سگهون ٿا ڇو جو نه اسان وٽ ايران جي حمايت آهي نه حماس جهڙي همت…..

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.