آمريڪا سنگين نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار رهي: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران چيو آهي ته جيڪڏهن وچ اوڀر جي موجودا صورتحال ۾ آمريڪا اسرائيل جي حمايت جاري رکي ته خطي ۾ ان کي سنگين نتيجن کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو.
ايران آمريڪا کي وچ اوڀر ۾ نئون محاذن کان خبردار ڪندي چيو ته واشنگٽن جي روش تبديل ڪرڻ ۾ مونجهارو خطي ۾ ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿو.
ان حوالي سان ايراني پرڏيهي وزير امير اللهيان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا ٻين کي ته مشورا ڏئي رهيو آهي پر پاڻ ان تي عمل ناهي ڪندو.
هن چيو ته آمريڪا ٻين ملڪن کي ان تڪرار کان ڌار رهڻ جو چوي ٿو ۽ پاڻ اسرائيل جو ڀرپور ساٿ ڏئي رهيو آهي، غزا ۾ خونريزي ائين ئي جاري رهي ته خطي ۾ حالتون ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي ويندويون.
سندس چوڻ هوته آمريڪي ڌر کي فيصلو ڪرڻ گھرجي ته ڇا واقعي اهو جنگ کي وڌائڻ چاهي ٿو؟ هن واضح ڪيو ته ايران عراق ۽ شامل ۾ آمريڪي اڏن تي حملي جي هدايت ناهي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.