مٿي ۾ سور پوڻ عام ڳالهه آهي جنهن جو شڪار تقريبن دنيا جو هر انساني ئي ٿيندو آهي، پر ان جا ڪجهه سبب مختلف هوندا آهن جن کي سولو نه وٺڻ گھرجي.
مٿي جي سور جو علاج، گھريلو ٽوٽڪن ۽ بائيو فيڊ بيڪ ٿيراپي سان به ڪري سگھجي ٿو، پر ڪڏهن ڪڏهن معاملو ايترو سنگين ٿي ويندو آهي جنهن لاءِ مڪمل علاج جي ضرورت پوندي آهي.
خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ هڪ ماهر جنرل فريشن مٿي جي سور ۽ ان جي علاج ۽ سببن بابت ناظرين کي آگاهه ڪيو ۽ ان کان بچاءَ جون تدبيرون به بيان ڪيون.
هن چيو ته مٿي جي سور جو سبب رڳو ننڊ جي کوٽ يا ذهني دٻاءُ ناهي هوندو مٿي جو سور جي قسم، شدت ۽ هنڌ جي لحاظ سان مختلف هوندو آهي بلڊ پريشر به مٿي جي سور جو سڀ کان وڏو سبب آهي. طبي لحاظ سان مٿي جي سور جا 150 کان وڌيڪ قسم آهن.
جنرل فزيشن موجب سور جو سبب ڄاڻن کانسواءِ ڪا به دوا نه کاو نه ته ان جا نتيجا خطرناڪ صورت ۾ سامهون ايندا آهن ڇو جو ماڻهو دڪاندار جي تجويز ڪيل دوا کي اهميت ڏيندا آهن جيڪو درست ناهي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته هر قسم جي مٿي جي سور ۾ ڊسپرين استعمال ڪرڻ غلط آهي خاص طور تي ٻارن کي اها ٽيبليٽ نه ڏني وڃي ۽ بالغ ماڻهو به روز جي بنياد تي نه کائين ان لاءِ ڊاڪٽر سان مشورو ڪرڻ ضروري آهي.
مٿي جو سور گھٽائڻ جون ڪجهه تجويزون
1-پنهنجي ڊائيٽ ۾ وڌ کان وڌ پاڻي پيئو.
2-جيڪڏهن اوهان کي بخار يا زڪام آهي ته وڌ کان وڌ آرام ڪريو.
3-پاڻ کي پرسڪون ۽ دٻاءِ کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪريو ڇو جو پريشاني ۽ اسٽريس مٿي جي سور ۾ اضافو ڪندو آهي.
ان کانسواءِ ”هارورڊ هيلٿ پبلشنگ“ موجب يوگا، مراقبو ۽ رليڪسيشن ٿيراپي سان به مٿي جي سور کان بچي سگھجي ٿو.
You might also like