ڪراچي (ويب ڊيسڪ) يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن پنهنجي ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ڪندي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 32 هزار رپيا مقرر ڪري ڇڏي آهي.
ملازمن جي پگهارن ۾ 10 هزار رپين تائين واڌ ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بورڊ ان تجويز جي منظور ڏني آهي جنهن کانپوءِ ملازمن جي پگهارن ۾ 10 هزار رپين تائين واڌ ٿي وئي آهي.
جيتوڻيڪ گهٽ ۾ گهٽ پگهار 32 هزار هوندي پر تعليمي قابليت جي بنياد تي مٿئين پگهار ۾ گهٽ وڌائي ٿي سگهي ٿي.