ميلبورن ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ ( ڪرڪيٽ آسٽريليا ) ڀارت جي دوري لاءِ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏي آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، ڀارتي دوري لاءِ ميٿيو ويڊ کي آسٽريليا جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، آسٽريلوي ٽيم ورلڊ ڪپ کانپوءِ ڀارت خلاف پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي.
پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز نومبر کان ڊسمبر دوران کيڏي ويندي.
SQUAD! There’s more cricket to come in India next month, with Matthew Wade set to lead this talented bunch in five T20I’s against India #INDvAUS pic.twitter.com/Mqc8cLe5Ur
— Cricket Australia (@CricketAus) October 28, 2023
ڀارت خلاف اعلانيل ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ ميٿيو ويڊ ڪپتان، اسٽيو سمٿ، ڊيوڊ وارنر، جيسن بينڊروف، ٽِم ڊيوڊ، شان ايبٽ ۽ نيٿن ايلس شامل آهن.
ان کانسواءِ ٽرويس هيڊ، جوش اينگلس، اسپينسر جانسن، گلين ميڪسويل، تنوير سنگها، مئٽ شارٽ، مارڪس اسٽوئنس اسڪواڊ جو حصو آهن.
آشٽن آگر انجري سبب اسڪواڊ ۾ شامل ناهي جڏهن ته مچل مارش ۽ ڪيمرون گرين ورلڊ کانپوءِ وطن واپس موٽي ويندا.
ان کانسواءِ پئٽ ڪمنز، مچل اسٽارڪ ۽ جوش هيزل ووڊ ٽيسٽ سيزن جي تياري لاءِ وطن واپس ويندا.