ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) ٽيسلا جي مالڪ ايلون مسڪ اسرائيلي جارحيت جو شڪار علائقي غزا ۾ انٽرنيٽ سروس ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ايلون مسڪ طرفان اهو اعلان ان وقت سامهون آيو جڏهن اسرائيل جي بمباري سبب غزا ۾ مواصلاتي ذريعا بند آهن.
ايلون مسڪ طرفان اهو اعلان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ جي پليٽ فارم ايڪس (ٽوئيٽر) تي ڪيو ويو.
هن ٽوئيٽ ۾ لکيو ته اسٽار لنڪ ڪمپني غزا ۾ عالمي امدادي ادارن کي انٽرنيٽ جي سرپورٽ ڪندو. ڪمپني گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي امدادي ادارن کي سپورٽ ڪندي.
You might also like