قازقستان: کاڻ ۾ باهه لڳڻ سبب 22 پورهيت سڙي فوت

استانه (ويب ڊيسڪ) قازقستان ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ باهه لڳڻ سبب 22 پورهيت سڙي فوت ٿي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب قازقستان ي وچين علائقي ۾ موجود انڊسٽريل زون ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ باهه ڀڙڪي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 22 پورهيت فوت ۽ 23 زخمي ٿي پيا.
ڪمپني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته حادثي جي وقت کاڻ ۾ 200 پورهيت موجود هئا، انتظاميا حادثي جو اطلاع ملندي ريسڪيو ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون. اختيارين فوتگين ۾ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.
برطانوي اسٽيل ڪمپني جي نگراني ۾ ڪم ڪندڙ کاڻ ۾ ٻن مهينن دوران باهه لڳڻ جو اهو ٻيو واقعو آهي. ان کان اڳ آگسٽ ۾ کاڻ ۾ باهه لڳڻ سبب 5 پورهيت فوت ٿي ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.