واٽس ايپ ۾ هٿرادو ذهانت تي ٻڌل نئون فيچر شامل

هٿرادو ذهانت (اي آءِ يا آرٽيفيشل انٽيليجنس) ٽيڪنالوجي تيزي سان عام ٿي رهي آهي ۽ ڪيتريون ئي ڪمپنيون ان کي پنهنجي سروسز جو بڻائي رهيون آهن.
خاص طور تي چيٽ جي پي ٽي ۽ گوگل بارڊ جهڙن اي آءِ چيٽ بوٽس به گھڻا طاقتور ٿي چڪا آهن ۽ روز ڪروڙين ماڻهو ان کي استعمال ڪندا آهن.
اي آءِ ٽيڪنالوجي جي مقبوليت کي ڏسندي ميٽا طرفان پنهنجين اپيس ۾ ان ٽيڪنالوجي تي ٻڌل چيٽ بوٽس کي شامل ڪرڻ تي ڪم ڪيو پيووڃي.
ڪمپني جي تيار ڪيل لاما 2 مادل تي ٻڌل انهن چيٽ بوٽس کي جيئن جو تيئن واٽس ايپ، انسٽاگرام ۽ ميسينجر جو حصو بڻايو پيو وڃي.
انهيءَ ٽيڪنالوجي کي هاڻي واتس ايپ جي ان حصي کي بهتر بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي جنهن بابت واهپيدارن طرفان سڀ کان وڌيڪ شڪايت ڪئي ويندي هئي.
رپورٽ موجب واٽس ايپ جي اينڊرائڊ ڊوائيسز لاءِ نئين بيٽا ورجن ۾ اي آءِ ٽيڪنالوجي تي ٻڌل يوزر سپورٽ چيٽ بوٽ شامل ڪيو ويو آهي.
اڃا واٽس ايپ يوزر سپورٽ محدود آهي ۽ واهپيدارن کي ان سان ڪا به مدد نه ملندي.
پر ان نئين اضافي سان واهپيدارن جي شڪايت تي ڪمپني طرفان وڌيڪ تيزي سان ردعمل ظاهر ڪرڻ ممڪن ٿي ويندو.
اهو نئون چيٽ بوٽ واٽس ايپ جي ڪانٽيڪٽ اس پيج جو حصو آهي، جتي واهپيدار پنهنجا سوال يا شڪايتون لکي سگهندا.
اڃا اهو واضح ناهي ته سڀني واهپيدارن لاءِ اهو فيچر ڪيستائين متعارف ڪرايو ويندو.
پر وڌيڪ امڪان اهو آهي ته جلد واهپيدار ان کي استعمال ڪري سگھندا ڇو جو ميٽا طرفان اي آءِ ٽيڪنالوجي کي تيزي سان پنهنجيبن ايپس جو حصو بڻايو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.