سنڌ پوليس لاءِ سنڌي ٻولي واري ايپ لانچ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس ڊيجيٽلائيزيشن طرف وڌندي ملازمن جي سهولت لاءِ ’اي شيٽ ڊجيٽل ايپ‘ متعارف ڪرائي ڇڏي آهي.

انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) سنڌ رفعت مختار موجب پوليس کاتي موبائل ڊيجيٽلائيزيشن طرف پهريون قدم کڻي ورتو آهي، جنهن تحت پوليس ملازمن لاءِ پهرين ”ايپ“ لانچ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سافٽ ويئر ايندڙ هفتي لانچ ڪيو ويندو، پهرئين مرحلي ۾ پوليس جي سائوٿ زون ۽ سيڪيورٽي ڊويزن کي ان جي رسائي ڏني ويندي.

آءِ جي سنڌ جو چوڻ آهي ته ملازم پنهنجي سروس سان لاڳاپيل سموري معلومات ايپ ذريعي ڏسي سگهندا، جڏهن ته ٽرانسفر پوسٽنگ، پروموشن، ڊيموشن ٽريننگ ڪورس، شوڪاز نوٽيس ۽ ٻيو رڪارڊ به نظر ايندو.

آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته ملازمن جي سهولت لاءِ ڊجيٽل ايپليڪيشن انگريزي سان گڏوگڏ اردو ۽ سنڌي ٻولين ۾ به ڪم ڪندي، اهو قدم سنڌ پوليس جي ڊيجيٽلائيزيشن طرف پهريون وڏو قدم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.