” مان هندو هئس انڪري ڪنهن به ساٿ نه ڏنو“ دانش ڪنيريا جا پي سي بي تي الزام

اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر دانش ڪنيريا اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي تي الزامن جو نئون پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو آهي.

ڀارتي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي اسپاٽ فڪسنگ ۾ ملوث دانش ڪنيريا الزام مڙهيو ته اڳوڻي ڪپتان شاهدي آفريدي زوريءَ کيس اسلام قبول ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته هن سميت ڪيئي ڪرڪيٽرز مون سان گڏ ماني به نه کائيندا هئا.

اڳوڻي ڪرڪيٽر شعيب اختر ۽ انضمام الحق کي پنهنجو بهترين دوست قرار ڏيندي اعتراف ڪيو ته ٻنهي تمام گهڻو ساٿ ڏنو.

هن پي سي بي تي به الزام لڳائيندي چيو ته سندس ڪائونٽي ڪيريئر دوران اسپاٽ فڪسنگ جو الزام مڙهيو ويو هو، جنهن جو مون اعتراف ڪيو ته مان رڳو هڪ بڪي سان ملاقات ڪئي هئي پر مون تي الزام قبول ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو، بورڊ انڪري منهنجو ساٿ نه ڏنو جو مان هندو هئس.

هن وڌيڪ چيو ته بورڊ سميت ڪيترائي ڪرڪيٽر ڊنل هئا ته جيڪڏهن مان کيڏندو رهيس ته سندن رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.