خدارا! اسان جي ٻارن کي بچايو، فلسطيني نمائيندو گڏيل قومن جي اجلاس ۾ لڙڪ لاڙي ويٺو

جنيوا (ويب ديسڪ) گڏيل قومن ۾ فلسطين جي نمائيندي رياض منصور اجلاس ۾ چيو آهي ته اسرائيل جي لاڳيتو بمباري سان غزا جون اسپتال قبرستان بڻجي چڪيون آهن ۽ هيل تائين 3 هزار ٻار ۽ 1700 عورتن کي شهيد ڪيو ويو آهي، اها نسل ڪشي ناهي ته ٻيو ڇا آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب گڏيل قومن جي ٿيل اجلاس ۾ فلسطيني نمائيندي رياض منصور غزا ۾ اسرائيلي بمباري سبب ٻارن ۽ عورتن جي مارجڻ جو ذڪر ڪندي لڙڪ لاڙي ويٺو.
فلسطيني نمائيندي آلين اکين ۾ اپيل ڪئي ته خدا جي لاءِ اسان جي ٻارن کي بچايو. 3 هزار ٻار مارجي چڪا آهن ۽ 1600 ٻار اڃا به ملبي هيٺ دٻيل آهن.
فلسطيني نمائيندي رياض منصور وڌيڪ چيو ته هر هڪ سيڪنڊ ۾ ڪيترن ئي فلسطينين کي رت ۾ وهنجاريو پيو وڃي. 1700 عورتون به بمباري ۾ شهيد ٿيون. پاڙا جو پاڙا تباهه ٿي ويا ۽ خاندان اجڙي ويا.
رياض منصور سوال اٿاريندي چيو ته هاڻ لکين فلسطيني ڪيڏانهن وڃن؟ رفاح ڪراسنگ بند آهي، اسرائيلي ناڪه بندي سبب پاڻي، خوراڪ ۽ بجلي جي فراهمي معطل آهي. گھر بمباري ۾ تباهه ٿي ويا. انهن کان ڪو به حال پڇڻ وارو ناهي.
فلسطيني نمائيندي عالمي قوتن جي اسرائيل جي حمايت ۽ بيحسي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ڪجهه ماڻهو اسرائيل لاءِ سور محسوس ڪري رهيا آهن ۽ فلسطين جي تباهي تي خاموش آهن. ائين ڇو آهي؟ اهو مذهبي تعصب آهي، نسلي امتياز اهي يا ڪاري ڀوري رنگن جي نفرت واري سوچ آهي.
هن خبردار ڪيو ته غزا تي اسرائيل بمباري بند نه ڪئي ته جنگ سڄي وچ اوڀر ۾ پکڙجي سگھي ٿي ۽ عالمي امن کي به خطرا ٿي سگھن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.