سياري ۾ ڪيترا ڪلاڪ گئس ملندي؟ واهپيدارن لاءِ اهم خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران حڪومت نون گئس ڪنيڪشنز تي پابندي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪندي سياري ۾ گئس مهانگي ٿيڻ سان رڳو 8 ڪلاڪ ملڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
توانائي واري نگران وزير محمد علي واهپيدارن کي آگاهه ڪيو ته سياري ۾ گئس مهانگي ٿيڻ سان رڳو 8 ڪلاڪ ملندي، صبح، منجهند ۽ شام جي وقت گئس ملندي پر سياري ۾ 8 ڪلاڪ گئس جي فراهمي يقيني بڻائينداسين.
هن ٻڌايو ته نون گئس ڪنيڪشنز تي پابندي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ملڪ ۾ جيتري گئس آهي ايتري ئي ملندي، نون ڪنيڪشنز لاءِ ملڪ ۾ گئس ناهي.
سندس چوڻ هو ته ڊسمبر لاءِ 2 ايل اين جي ڪارگوز جو بندوبست ڪيو آهي ۽ جنوري لاءِ به 2 ايل اين جي ڪارگوز گهرائينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.