”پئسا نٿا ڏين“ ماءُ عدالت وڃي پٽن کي گهران ڪڍرائي ڇڏيو

هونئن ته والدين جي خواهش هوندي آهي ته انهن جا ٻار سدائين ساڻن گڏ رهن پر جڏهن اولاد طرفان ڪنهن قسم جي مالي مدد نه ڪئي وڃي ته اهي انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن.
اهڙو ئي ڪجهه اٽلي جي شهر پاويا ۾ ٿيو، جتي هڪ ماءُ پنهنجي ٻن پٽن کي گهران ڪڍڻ چاهيو پر هو گهر ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئا.
ان تي 75 ورهين جي عورت عدالت سان رابطو ڪيو ۽ 40 ۽ 42 سالن جي پٽن کي گهران ڪڍڻ جو حڪم حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.
مقامي ميڊيا موجب عورت ڪيس داخل ڪرائيندي ڄاڻايو ته پٽ خانداني گهر خالي ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا، مون کي انهن کي ڪڍڻ کانسواءِ ڪو ٻيو آپشن نه هو.
عورت ڪيترائي ڀيرا پٽن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته گهر ڇڏي خود مختيار زندگي گذاريو پر ملازمت ڪرڻ باوجود پٽ گهر ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئا.
ماءُ کي پٽن کان اها شڪايت هئي ته هو گهر ۾ رهڻ باوجود خرچ لاءِ پئسا نه ڏيندا هئا، جڏهن ته گهر جي ڪمن ۾ به مدد نه ڪندا هئا، نيٺ تنگ اچي هن عدالت سان رابطو ڪيو ۽ عدالت پٽن کي گهر ڇڏڻ جو حڪم ڏنو.
عدالتي حڪم موجب توڙي جو والدين جو فرض هوندو آهي ته اهي پنهنجي ٻارن جو خيال رکن پر هتي ٻنهي پٽن جي عمر 40 سالن کان وڌيڪ آهي ۽ هاڻ اهي پنهنجو خيال پاڻ رکي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.