عليزي سحر قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو

مشهور يوٽيوبر عليزي سحر آپگهات جي خبرن ۽ وائرل وڊيوز کان پوءِ پهريون ڀيرو سامهون آئي ۽ هن پاڻ بابت هر خبر جواب ڏيندي چيو ته آئون بزدل ناهيان جو بري وقت ۾ پنهنجو پاڻ کي لڪائي ويهي رهان يا آپگهات جهڙو ڏوهه ڪيان.
عليزي سحر پنهنجي تازي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته جنهن مون سان برو ڪيو الله ان سان به برو ڪندو، الله ان کي تڙپائي تڙپائي موت ڏيندو. جنهن منهنجي نازيبا وڊيو ليڪ ڪئي اهو ڪير آهي مون کي خبر آهي ۽ آئون به هن سان سٺو نه ڪنديس، هن مون سان برو ڪيو آهي وقت هن سان به برو ڪندو.
هن چيو ته اهو اوڪاڙا جو ماڻهو آهي ۽ هن وقت قطر ۾ رهندو آهي ۽ ان اتان کان منهنجي وڊيو بڻائي شيئر ڪئي آهي، آئون جيئن پاڻ کي سنڀاليو آهي اها مون کي خبر آهي، آئون ڪو به غلط ڪم ناهي ڪيو.

گذريل ڏينهن عليزي سحر جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ان جي تصديق ٿي هئي.

هي وڊيو به ڏسي سگهو ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.