آمريڪي گلوڪارا ٽيلر سوئفٽ ارب پتي بڻجڻ ۾ ڪامياب

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) آمريڪي گلوڪارا ٽيلر سوئفٽ پنهنجي هاڻوڪي ورلڊ ٽور ۽ ان تي ٺهندڙ فلم سبب ارب پتي بڻجي وئي.
بلومبرگ جي رپورٽ موجب Eras ورلڊ ٽور ڪاميابي سان سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا هئا جنهن جي نتيجي ۾ 33 ورهين جي گلوڪارا جي اثاثن جي ماليت هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالرز تائين پهچي وئي آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو يوو ته تمام گهٽ فنڪار پنهنجي موسيقي ۽ پرفارمنس جي ڪري ارب پتي بڻجڻ ۾ ڪامياب ٿيندا آهن.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 2019ع کان هيل تائين پنهنجن گيتن ذريعي ٽيلر سوئفٽ 40 ڪروڙ ڊالرز ڪمايا جڏهن ته 37 ڪروڙ ڊالز جي آمدني شوز جي ٽڪيٽن جي وڪري مان ٿي.
اهڙيءَ طرح 5 ملڪيتن سان ٽيلر سوئفٽ جي اڪائونٽس ۾ 11 ڪروڙ ڊالرز جو اضافو ٿيو جڏهن ته مختلف اسٽريمنگ سروسز سبب کيس 12 ڪروڙ ڊالرز جي آمدني ٿي.
آمريڪي گلوڪارا کي 8 ڪروڙ ڊالرز ميوزڪ رائلٽيز جي مد ۾ مليا، اهڙيءَ طرح هو ارب بڻجڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.